ٽلٽيءَ وارو مدرسو

ٽلٽيءَ وارو مدرسو: سمن جي دور ۾ ٽلٽي علم جو وڏو مرڪز هو. سيوهڻ کان پوءِ ٽلٽي بوبڪ، ڪاهان (ڳاها) ۽ پاٽ علمي طور وڏا مرڪز هئا. پراڻي وقت ۾ باغبان واري پرڳڻي ۾ وڏا مرڪز ٻه هئا، هڪ باغبان، ٻيو ٽڳڙ. هي ٻئي ڳوٺ اڄ به موجود آهن. ٽلٽيءَ واري مدرسي جو اڳواڻ مشهور عالم مخدوم بلاول هو. هتي اڄ به مخدوم بلاول جي مدرسي ۽ مسجد جا آثار شهر ۾ موجود آهن.
مخدوم بلاول، وڏو محدث ۽ فقيهه هو، سندس درسگاهه ظاهري علم جي پالوٽ سان گڏ روحاني فيض جو به وڏو مرڪز هئي. سندس اوائلي زندگي ۽ ابتدائي تعليم جو ڪو به پتو نه آهي. باقي مولانا غوثي بن حسن بن موسيٰ شطاري دکني ”گلزار ابرار“ ۾ سندس باري ۾ هدايت سنڌي برهانپوري جي روايت سان لکيو آهي ته ٽلٽيءَ جي ٻي جنگ ۾ مخدوم بلاول اهم ڪردار ادا ڪيو. مخدوم ڪڏهن ڪڏهن موزون شعر به چوندو هو. هن مدرسي ۾ مخدوم صاحب جا ڪيترائي معاصر ۽ شاگرد هئا، جن ۾ مخدوم عربي ڌياڻو (وفات 980 هه/ 1572ع)، مخدوم اسحاق (وفات: 932 هه/ 1525ع)، سندس پٽ مخدوم احمد (وفات 959 هه/1551ع) ۽ مخدوم محمد (وفات 963 هه/ 1555ع) هالا پراڻا، شيخ ڀرڪيو ڪاتيار (ڏهين صدي هجريءَ جي وچ ڌاري مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد جو معاصر)، مخدوم عبدالرشيد هالا پراڻا (وفات 936هه/1529ع)، مخدوم جعفر بوبڪائي (وفات ڏهين صدي هجريءَ جي آخر)، درويش جرڪس ڳوٺ ونگي چاچڪان (وفات ڏهين صدي آخر)، مخدوم صدو لانگاهه (وفات: 947 هه/1540ع)، قاضي قاضن، قاضي ابو سعيد سيوستاني ثمر بکري (وفات: 958 هه/1551ع)، قاضي عبدالله (وفات:1009هه/1600ع)، بن قاضي ابراهيم درٻيلوي (وفات: 978 هه)، شيخ عبدالله متقي بن مولانا سعيد درٻيلوي (وفات: 984 هه/1576). مولانا يونس سمر قندي استاد شاهه حسن ارغون، مير سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ الحسيني، الترمذي بکري (وفات:991 هه/1583ع)، غياث الدين بکري (وفات: 928 هه/ 1521ع)، مير ابو سعيد پوراني بکري (وفات:895 هه/ 1586ع) ۽ سندس پٽ مير بايزيد (وفات: 930 هه/ 1523ع)، ميرڪ مخدوم محمود (وفات: 953هه/1546ع)، مخدوم محمود فخر پوٽو ڪاهاني (وفات 957 هه/1550ع)، مخدوم عبدالعزيز محدث ڪاهاني (مخدوم محمود جو معاصر) ۽ سندس پٽ مولانا اثير الدين ۽ مولانا يار محمد، شيخ قاسم ۽ سندس پٽ شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي، شيخ طاهر محدث پاٽائي (وفات 991 هه/1583ع )، مولانا يونس لاکو سنڌي ۽ مولانا شيخ مبارڪ پاٽائي (وفات 988 هه/ 1580ع).
مخدوم بلاول جي شاگردن جي ڊگهي فهرست آهي، پر انهن سڀني ۾ نمايان قاضي ڏتو بن قاضي شرف الدين عرف راهو سيوهاڻي هو. هن تفسير ۽ حديث جي تڪميل مخدوم بلاول جي مدرسي ۾ ڪئي. قاضي ڏتو حافظ قرآن، ترڪي زبان جو ڄاڻو، علم نجوم، علم جعفر ۽ ڪشف جو به ماهر هو. سيد حيدر شاهه سنائي، سنڌ ۾ بلاولي تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ پيش پيش رهيو.ساهڙ لنجار'> مخدوم ساهڙ لنجار جو نالو به مخدوم بلاول جي شاگردن ۾ اچي ٿو، جيڪو وقت جو وڏو صالح ۽ ڄاڻو شخص هو. سدائين عبادت ۾ مشغول رهندو هو. مخدوم رڪن الدين عرف مخدوم مٺو صديقي وڏو عبادت گذار ۽ متقي هو. حديث جي علم ۾ پنهنجي وقت جو يگانو هو. شرح اربعين، شرح ڪيداني ۽ ڪي ٻيا رسالا سندس قلمي ۽ علمي آثار آهن. سندس وفات همايون جي دربدريءَ واري زماني يعني 949هه/ 1542ع ڌاري ٿي ۽ مڪليءَ جي مٽيءَ ۾ مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو